شاهه لقب

شاهه (لقب): فارسي لفظ ‘شاهه’ جي معنيٰ آهي بادشاهه، سلطان. هي فقيرن جو به لقب آهي. ’شاهه‘ سيدن جي نالي سان لڳندڙ هڪ خاص لفظ به آهي. شاهه لقب طور استعمال ٿئي ٿو، جيئن کرڙيءَ جي جنگ ۾ وڙهندڙ سورهيه گولي ڪهيريءَ (شاهه) جو پٽ غلام شاهه، جنهن کي خليفي نبي بخش لغاريءَ به ڳايو آهي:
هي گل گولي شاهه، پرکا ڪارڻ پوکيو،
ڪندو سنجهه صباح، مقابلو ميدان ۾.


لفظ شاهه لقبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو